آر ڪي سڌوا

آر. ڪي. سڌوا: ڪراچيءَ جو اڳوڻو ميئر، سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪ آر. ڪي. سڌوا جو اصل نالو رستم ڪائوس سڌوا هو. هي 5 مئي 1939ع کان 7 مئي 1940ع تائين ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جو ميئر، ڪراچي انڊين مرچنٽ ايسوسيئيشن جو سرگرم ميمبر، ايسوسيئيشن پاران ڪيترو عرصو ڪراچي پورٽ ٽرسٽ جو ميمبر، ميونسپالٽي جي مختلف ڪاميٽين جو ميمبر ۽ چيئرمين، ڪراچي ڪلب، ڪراچي جيم خانه ۽ هندو جيم خانه جو پڻ سرگرم ميمبر رهيو. هن پنهنجي ميئر شپ دوران لياريءَ ۾ قائم اسپينسر آءِ اسپتال (اکين واري اسپتال) جو 14 مارچ 1940ع تي افتتاح ڪيو. هي ڪراچي ميونسپالٽيءَ پاران بمبئي ليجسليٽو اسيمبليءَ جو ميمبر به رهيو. 8 کان 10 جولاءِ 1921ع تي ڪراچي جي عيدگاهه واري ميدان ۾ محمد علي جوهر جي صدارت هيٺ ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن جي آجياڻي ڪاميٽيءَ ۾ آر. ڪي. سڌوا شامل هو. 6 اپريل 1930ع تي ڪراچيءَ جي سٽي ڪورٽ اڳيان ستيا گرهه هلچل جو جلوس ڪڍيو ويو، جنهن ۾ مينگهراج ريوا چند ڪلا ۽ دتا رام پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويا ۽ مشهور ڪانگريس اڳواڻ جيرامداس دولترام ۽ سڌوا سميت 36 ڄڻا زخمي ٿيا ۽ 254 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن ۾ آر. ڪي. سڌوا، ڊاڪٽر چوئٿرام، مولانا محمد صادق کڏي وارو، آچاريه گدواڻي، نارائڻ داس بيجر، مبارڪ علي، جيرامداس دولترام ۽ ٻيا شامل هئا. ڪراچي ۾ 27 مارچ 1931ع تي آل انڊيا نيشنل ڪانگريس جو 45هون اجلاس ٿيو، جنهن جي آجياڻي ڪاميٽي جو جنرل سيڪريٽري آر. ڪي. سڌوا ۽ ساراچند لالواڻي هئا.
سنڌ جي بمبئيءَ کان الڳ ٿيڻ جي تحريڪ شروع ٿي ته هندو ۽ مسلمان گڏ هئا. ان تحريڪ دوران ٻولين جي آڌار تي صوبا ٺاهڻ واري موقف جي حمايت ڪئي هئي پر اڳتي هلي هندو مسلم ڇڪتاڻ جي ڪري ڊاڪٽر چوئٿرام، جيرامداس ۽ پروفيسر گهنشام داس ان تحريڪ جي مخالفت ڪئي. جن هندو ڪارڪنن سنڌ جي بمبئي واري تحريڪ جي حمايت ڪئي هئي، انهن ۾ سيٺ هرچندراءِ، وشنداس، جمشيد مهتا، ڄيٺ مل ۽ آر. ڪي. سڌوا شامل هئا. هي 1947ع ڌاري سنڌ ڇڏي وڃي هندوستان رهائش پذير ٿيو. جتي هن پنهنجون سياسي سرگرميون جاري رکيون. هي هندوستان جي مرڪزي ڪابينا جو وزير رهيو. پاڻ سياستدان هئڻ سان گڏوگڏ هڪ سٺو ليکڪ پڻ هو. هن جا لکيل مضمون مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. هن جا ڪيترائي ڪتاب لکيل آهن، جن مان ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن تي لکيل ڪتاب (The Corporation of the city & Karachi) اخبارن 1939ع ۾ شايع ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو